سنڌ ۾ چوماسَي جي وسڪارن جو پهريون اسپيل اڄ کان شروع

ڪراچي: جي مختلف علائقن ۾ چوماسَي جي وسڪارن جو پهريون اسپيل اڄ کان شروع ٿيڻ وارو آهي، ڪراچي ۾ جهڙالي موسم کانپوءِ ٿڌيون هوائون به گهلڻ شروع ٿي ويون آهن

ڪراچي جي  مختلف علائقن ۾ ڦُڙڦُڙ ٿيڻ بعد موسم خوشگوار ٿي وئي آهي، جڏهن ته شهري ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي اڳواٽ انتظام ڪيا ويا آهن

موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ رات کان تيز هوائن سان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، شهر ۾ 3 ۽ 4 جولاءِ تائين وقفي وقفي سان تيز برساتن جا امڪان آهي

 موسميات کاتي چيو آهي ته حيدرآباد، ٺٽو، بدين، عمرڪوٽ، مٽياري ۽ دادو ۾ به تيز برسات جا امڪان آهن

وڏي وزير جي هدايتن تي ڪراچي ۾ برساتن کان اڳ وڏن نالن جي صفائي شروع ٿي وئي آهي، ناصر شاهه، سعيد غني ۽ ٻين وزيرن ڪراچي جي مختلف علائقن جا دورا ڪيا

صوبائي وزيرن آءِ آءِ چندريگر روڊ، نيو چالي، گارڊن ۽ ڪوئينز روڊ سميت ٻين علائقن ۾ نالن جي صفائي واري ڪم جو جائزو ورتو

صوبائي وزيرن جو چوڻ آهي ته شهر ۾ ڪجهه نالن جي چوڪنگ پوائنٽس جي نشاندهي ٿي آهي، برساتي پاڻي جي وقت سر نيڪالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا