سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ اضافو ، ڏهاڙي جي ڪيسز جو انگ 600 کان وڌي ويو

ڪراچي: سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ مسلسل اضافو ٿيڻ لڳو، ڏهاڙي جي ڪيسز جو انگ 600 کان وڌي ويو. اين آءِ جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 641 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا . ڪورونا جي ڪري وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا . گزريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جي تشخيص لاءِ 18 هزار 813 ٽيسٽ ڪيا ويا ، هاڪاري ڪيسز جي سراسري ٽي ڏهائي چار سيڪڙو رهي .قومي صحت واري اداري موجب علاج هيٺ 119 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

Across the country