سنڌ ھاءِ ڪورٽ مڪاني چونڊن بابت ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي شيڊول خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، عدالت درخواستن تي ٻڌڻي  سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي

ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر ۽  لاڳاپيل اختياريون عدالت ۾ پيش ٿيا، پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ قومپرست پارٽين جا اڳواڻ به ٻڌڻي دوران شريڪ ٿيا

ايم ڪيو ايم جي وڪيل چيو تھ تڪبندين ۾ قانون گهُرجون پوريون نه ڪيون ويون،  جڏھن تھ ٻڌڻي دوران عدالت چيو ھو تھ اڄ ئي فيصلو ٻڌايو ويندو پر ھاڻ ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي آھي