سنڌ جي 1700 ارب رُپين جي ٽئڪس فري خساري واري بجيٽ پيش، پگهارن ۾ واڌ جو اعلان: اپوزيشن جو گوڙ

سنڌ حڪومت 1700 ارب رُپين جي ٽئڪس فري خساري واري بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي

سنڌ اسيمبلي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي بجيٽ تقرير دوران اپوزيشن جو گوڙ، پي پي ٽي آءِ ميمبرز ايوان ۾ بينرز کڻي پهتل آهن

سنڌ بجيٽ 23-2022 جي اهم نقطه

غريبن جي سماجي تحفظ ۽ اقتصادي استحڪام لاءِ 26.85 ارب رپين جو پيڪيج، هارين کي ٻج، کاڌ ۽ جيت مار دوائن لاءِ 3000 ملين روپين جي سبسڊي

بينظير وومين ايگريڪلچرل ورڪرز پروگرام 500 ملين رپين سان شروع، معذور ماڻهن لاءِ 250 ملين جا فنڊز جاري

شاگرد ۽ پوزيشن هولڊرز لاءِ اسڪالر شپ لاءِ 1200 ملين رپيا مختص

نائين ۽ ٻارهين درجي جي رجسٽريشن ۽ سالياني امتحاني فيس لاءِ 2000 ملين مختص

صحت، زراعت ۽ تعليم لاءِ ڊجيٽل پليٽ فارم جي ترقي لاءِ 500 ملين رپيا مختص

ٽيڪنالوجي پارڪ ۾ 1000 ملين رپيا جي ايڪويٽي سيڙپڪاري، SEDF ذريعي سنڌ انٽرپرائيز ڊولپمينٽ فنڊ

عالمي ٽيڪ پليئرز جي سهڪار سان نوجوانن لاءِ 100 ملين رپين جو ڊجيٽل اسڪلز ٽريننگ پروگرام

سيڙپڪاري: 100 ملين رپين ذريعي سيڪٽر جي مخصوص انڪيوبيٽرز ۽ ايڪسلريٽرز جو قيام

سنڌ ۾ غريبن لاءِ هائوسنگ يونٽس جي قيام لاءِ 2000 ملين رپيا مختص

لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز: غريب گھراڻن کي جانورن جي فراهمي لاءِ 500 ملين رپيا مختص

لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز: 500 ملين رپيا سنڌ لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز انٽر پرائز ڊولپمينٽ لاءِ مختص

سماجي ڀلائي: 100 ملين رپيا يتيم خانن جي سڌارن ۽ قيام لاءِ مختص

سنڌ ۾ اولڊ ايج هومز جي اصلاح لاءِ 100 ملين رپيا مختص

پيپلز سپورٽ پرگرام لاءِ 15000 ملين رپيا مختص

Sindh's Rs 1700 Billion Tax Free Deficit Budget Presented