نيپرا ڪي اليڪٽرڪ لاءِ بجلي وڌيڪ 5 رُپيا 28 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: نيپرا ڪي اليڪٽرڪ لاءِ بجلي وڌيڪ 5 رُپيا 28 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ بابت درخواست تي ٻڌڻي بعد فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آھي

نيپرا اختيارين جو چوڻ آهي ته اپريل مهيني ۾ ميرٽ آرڊر جي ڀڃڪڙي سبب هڪ ارب 13 ڪروڙ رُپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي، ايس ايس جي سي سان گئس جي خريداري بابت معاهدي تي ڳالهيون هلندڙ آهن