ورلڊ بئنڪ پاڪستان کي 35 ڪروڙ 80 لک ڊالر فنڊ طور ڏيندي

اسلام آباد:ورلڊ بئنڪ پاڪستان کي 25 ڪروڙ 80 لک ڊالر جي منظوري ڏئي ڇڏي.
جاري ڪيل پڌرنامي ۾ ورلڊ بئنڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي 25 ڪروڙ 80 لک ڊالرن جو فنڊ ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، رولڊ بئنڪ طرفان ملندڙ رقم صحت ۽ ماڻهن جا بنيادي وسيلا مضبوط بڻائڻ تي خرچ ڪيا ويندا، جاري ڪيل فنڊ تحت صحت جي سهولتن تائين آساني سان رسائي لاءِ قدم کنيا ويندا.
پڌرنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صحت جو سسٽم مضبوط بڻائڻ لاءِ مدد ڪئي ويندي، جڏهن ته هيلٿ ڪيئر ڪوريج اسٽاف ۽ دوائن جي سپلائي بهتر ڪئي ويندي.