لاهور: توانائي واري وفاقي وزير خرد دستگير چيو آهي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ممڪن ناهي پر ڪجهه ڏينهن اندر بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ واضع گهٽتائي ٿيندي.
سولر انرجي ايسوسيئشن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي خرم دستگير چيو ته پاڪستان ۾ هاڻي پيٽرول، ڪوئلي ۽ ڊيزل سان بجلي ٺاهڻ ممڪن ناهي، اسان کي هاڻي سستي بجلي جي منصوبن، سولر ۽ ونڊ پاور پلانٽ ڏانهن وڃڻو پوندو.
بجلي، گيس ۽ تيل جي اگهن ۾ واڌ جو سبب اڳوڻي حڪومت طرفان ملڪ کي 56 سئو ارب روپين جو قرضي بڻائڻ آهي.
خرم دستگير وڌيڪ چيو ته سج لهڻ وقت مارڪيٽون بند ڪرڻ جي تجويز تي حتمي فيصلو وزيراعظم ڪندو، اڃان تائين مارڪيٽ بند ڪرڻ جو ڪو فيصلو ناهي ٿيو.