برازيل ۾ برساتن ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، ستونجاهه ڄڻافوت

برازيل: برازيل ۾ برساتن، ٻوڏ ۽ لينڊ سلائينڊنگ تباهي مچائي ڇڏي، مختلف حادثن ۾ 57 ڄڻا فوت جڏهن ته ڪيترائي گم ٿي ويا آهن. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب برازيل جي اترين علائقي ۾ ٿيندڙ برساتن ٻوڏ واري صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي.
برازيل ۾ پنجن مهينن دوران اها چوٿين وڏي ٻوڏ آهي جنهن سبب ڪچيون آباديون متاثر ٿيون آهن ۽ شهري علائقن ۾ زندگي جو نظام متاثر ٿيو آهي. اختيارين موجب اتر، اوڀر رياست پرنمبوڪو ۾ 56 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، پاڙيسري رياست الاگواس ۾ به هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. اختيارين اهو به ٻڌايو آهي ته پرنمبوکو رياست ۾ تقريبن 56 ڄڻا گم ٿي ويا آهن. اهڙي طرح فوت ۽ گم ٿيل ماڻهن جو ٽوٽل انگ 100 کان وڌيڪ آهي.

Rains and floods wreak havoc in Brazil