سپريم ڪورٽ اي سي ايل مان ڪڍيل وزيرن جي نالن جا تفصيل طلب ڪري ورتا

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بئنچ تحقيقاتي ادارن ۾ اعليٰ حڪومتي شخصيتن جي مداخلت بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران چيف جسٽس اٽارني جنرل سان مڪالمو ڪندي چيو ته اي سي ايل رول 2010 جو سيڪشن 2 پڙهي وٺو، جنهن مطابق ڪرپشن، دهشتگردي، ٽيڪس ادا نه ڪندڙ ۽ لون ڊيفالٽر ملڪ کان ٻاهر نٿو وڃي سگهي ته پوءِ وفاقي ڪابينا ڪنهن جي چوڻ تي ڪرپشن ۽ ٽيڪس جي ادائيگي واري رول ۾ ترميم ڪئي آهي.
چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته نيب مطابق ان کان پڇڻ بغير ئي جوابدارن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا ويا آهن.