پيپلز پارٽي پاران ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ باضابطه شامل ٿيڻ جي آڇ

ڪراچي: پ پ ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ باضابطه شموليت جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب پيپلز پارٽي جي وفد ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت سان ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ باضابطه شموليت جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.
ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پيپلز پارٽي جي دعوت تي ايم ڪيو ايم جو وفد جلد آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪندو. ذريعن موجب ٻنهي پارٽي جي اڳواڻن وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران ايم ڪيو ايم طرفان تيار ڪيل مڪاني نظام واري ڊرافٽ تي به ڳالهيون ڪيون وينديون. پيپلز پارٽي فنڪشن ڪائونسلرز کي ڏيڻ ۽ صوبائي مالياتي ڪميشن تي عمل ڪرڻ جي شق تي راضپو ظاهر ڪيو. سمورين اٿارٽيز کي ميئر جي ماتحت ڪرڻ واري معاملي تي به ڳالهيون ڪيون ويون.
ذريعن موجب ملاقات ۾ سنڌ جي گورنر جي حوالي سان نسرين جليل جي سمري تي اٿندڙ معاملو به غور هيٺ ايندو. پيپلز پارٽي جي وفد ايم ڪيو ايم کي سنڌ ڪابينه ۾ شامل ٿيڻ جي به دعوت ڏني. ان کان علاوه ايم ڪيو ايم کي هائر ايجوڪيشن ۽ انڊسٽريز جي وزارت ڏيڻ جي به آڇ ڪئي آهي.