سنڌ ۾ پاڻي جو سنگين بحران، قومي اسيمبلي ۾ بحث، پ پ سرڪار تي تنقيد

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ سنڌ اندر پاڻي جي سنگين بحران تي بحث ٿيو، ايم اين اي ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو آهي ته سنڌ لاءِ پاڻي زندگي ۽ موت جي حيثيت رکي ٿو، پاڻي وزارت پيپلز پارٽي وٽ آهي، اُهي جوابده آهن

ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته سنڌ جو هر ٻار چوي ٿو ته پاڻي وزارت پ پ وٽ آهي ته پوءِ صوبي کي پاڻي ڇو نٿو ملي؟، غوث بخش مهر چيو ته گذريل ڏينهن ايوان ۾پاڻي جو مسئلو اُٿاريو، سنگين مسئلي تي به ڪنهن وزير جو جواب نه آيو

اسپيڪر راجا پرويز اشرف رولنگ ڏيندي چيو ته ميمبرز جي سوالن جا لازمي جواب ڏنا وڃن