حڪومت مني بجيٽ جي منظوري لاءِ ڏهه جنوري تي قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد:حڪومت 10 جنوري تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اسلام اباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي وزيراعظم عمران خان جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 10 جنوري جي شام 4 وڳي گهرائڻ جي سمري اماڻي وئي آهي.
اجلاس ۾ فنانس ايڪٽ ترميمي بل پيش ڪيو ويندو. جڏهن ته سينيٽ جي فنانس ايڪٽ ترميمي بل تي تجويزن کي غور هيٺ آندو ويندو. بابر اعواڻ چيو ته حڪومت قوم ۽ عام ماڻهو جي بهتري لاءِ قانون سازي جو عمل رڪجڻ نه ڏيندي. اپوزيشن کي دعوت آهي ته هو قانونسازي ۾ عملي طور تي حصو وٺي. ايوان ۾ نعريبازي سان اپوزيشن قانون نٿي ٺاهي سگهي.
اسان قانونسازي اپوزيشن جي هنگامي سان رڪجڻ نه ڏينداسين. قانونسازي تي ڳالهين جي لاءِ دروازا کليل آهن.