ڪراچي ۾ اومي ڪرون جي پکيڙ، ڪاروبار ۽ اسڪول بند ڪرڻ بابت اهم فيصلي جو امڪان

ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجڻ کي نظر ۾ رکندي ڪاروباري وقت محدود ڪرڻ ۽ اسڪول بند ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي پر ان حوالي سان فيصلي جو 2 کان 3 ڏينهن ۾ امڪان آھي

تفصيل موجب ڪراچي ۾ اومي ڪرون جي داخل ٿيڻ کانپوءِ ڪورونا جا ڪيس تيزي سان پکڙجي رهيا آهن، سنڌ جي صحت کاتي مختلف ضلعن ۾ ڪاروباري وقت محدود ڪرڻ ۽ اسڪول بند ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته اسڪول ۽ ڪاروبار بند ڪرڻ بابت فيصلو 3.2 ڏينهن ۾ ٿي سگھي ٿو

ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جو انگ 8 لک 91 ٿي ويو آھي، گذريل ڏينهن 2650 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 236 ماڻهن جي ٽيسٽ پازيٽو آئي