اسان اميد جي جذبي سان گڏ 2022ع ۾ اڳتي وڌي رهيا آهيون: پرڏيهي وزير

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٽوئيٽ ڪندي سال 2022 جي لاءِ ڀليڪار چيو آهي.

هن چيو ته هو نئين سال کي نئين اميدن ۽ نون جذبن سان ڀليڪار ڪري ٿو ۽ اميد ڪري ٿو ته اهو ڊجيٽل ۽ پبلڪ ڊپلوميسي سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو جيڪو سفارتڪاري جي نئين دور جو آغاز ڪندو.

هن وڌيڪ چيو ته اسان 2022ع ۾ اميد جي جذبي سان اڳتي وڌي رهيا آهيون، هڪ اھڙي سال جي عڪاسي ڪندي خوشي ٿي جنهن پاڪستان جي پرچم لاءِ نوان سفارتي رستا کولي ڇڏيا آهن