ناڻي واري وفاقي وزير پاران بجيٽ پيش ڪرڻ دوران اپوزيشن جو سخت احتجاج

اسلام آباد: حڪومت قومي اسيمبلي ۾ مني بجيٽ پيش ڪري ڇڏي ۽ ان دوران اپوزيشن جماعتن سخت احتجاج ڪيو.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان جي پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ ايوان ۾ رولز معطل ڪرڻ جو ٺهراءُ پيش ڪيو، رولز معطل ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور ٿيو، جنهن کانپوءِ ناڻي واري وزير شوڪت ترين ضمني مالياتي بل 2021 (مني بجيٽ) قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو.

اسپيڪر رولنگ ڏني ته قومي اسيمبلي جي ضابطن ۽ طريقي ڪار جي قاعدي 122 تحت اهو بل قومي اسيمبلي جي فنانس ڪميٽي حوالي نه ٿيندو.

اپوزيشن طرفان ان موقعي تي سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

پوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس جمعي ڏينهن 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.