موبائيل فونز، گهڙيون، گاڏيون، ڪپڙا ۽ جوتا مهانگا ٿي ويندا:مني بجيٽ اڄ پيش ٿيندي

اسلام آباد: عوام تي ٻيهر مهانگائي جي وِڄ ڪيرائڻ جون تياريون مڪمل ٿي ويون آھن، موبائيل فونز، گهڙيون، امپورٽ ٿيندڙ گاڏيون، ڪپڙا ۽ جوتا مهانگا ٿي ويندا، هاڻي 350 ارب رُپين جي ٽئڪس ڇوٽ به واپس ورتي ويندي

وفاقي ڪابينا اڄ آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل مني بجيٽ جي منظوري ڏيندي، حڪومت طرفان مني بجيٽ اڄ ئي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، وزيراعظم عمران خان مني بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ اتحادين کي به اعتماد ۾ وٺندو

carsmobile phoneswatches