ملڪ ۾ اومي ڪرون ڪيسن جو انگ 75 ٿي ويو

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا 75 ڪيس سامهون آيا آهن

نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ) موجب اومي ڪرون جا 33 ڪيس ڪراچي مان، 17 ڪيس اسلام آباد ۽ 13 ڪيس لاهور ۾ سامهون آيا آهن

اومي ڪرون قسم جا 12 ڪيس پرڏيهه مان ايندڙ مسافرن کان به رپورٽ ٿيا آهن

صحت جي قومي اداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ اومي ڪرون جو پهريون ڪيس 13 ڊسمبر تي سامهون آيو هو، ويڪسينيشن ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد به وبا خلاف اثرائتو آهي، سمورا شهري ڪورونا جي خاتمي لاءِ ويڪسينيشن مڪمل ڪرائين