سينيٽر شوڪت ترين وفاقي وزير جي عهدي جو حلف کڻي ورتو

اسلام آباد: سينيٽر شوڪت ترين وفاقي وزير جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. شوڪت ترين جي حلف برداري ايوان صدر ۾ منعقد ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان کان حلف ورتو.
سينيٽ جي جنرل سيٽ تي ننڍي چونڊن ۾ شوڪت ترين خيبرپختونخواهه کان سينيٽر چونڊجيو آهي. وفاقي وزير فواد حسين چوڌري شوڪت ترين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ڪاروباري برادري جي شوڪت ترين مان اميدون جڙيل آهن.
وزيراعظم جي ويزن موجب ملڪ مان غربت جي خاتمي، تعميراتي صنعت کي هٿي سميت ملڪ جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ شوڪت ترين جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. ياد رهي ته شوڪت ترين هن وقت ناڻي واري صلاحڪار جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اميد آهي ته کيس هاڻ ناڻي وارو وزير بڻايو ويندو.

The first rainfall of winter in different parts of Sindh