شاگردياڻي خوشبو ڀٽي اغوا جِي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي معاف ڪري ڇڏيو

محرابپور: شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جِي شاگردياڻي خوشبو ڀٽي اغوا جِي ڪوشش جَي الزام هيٺ آيل شاگرد صفدر وساڻ کي معاف ڪري ڇڏيو آهي

محرابپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاگردياڻي چيو ته صفدر وساڻ جا والدين لڙي آيا ۽ خاطري ڪرائي ته اڳتي اهڙي غلطي نه ٿيندي، جنهن سبب صفدر کي معاف ڪيو آهي

جڏهن ته جوابدار صفدر وساڻ خلاف حملي، جهيڙي ۽ تشدد جو ڪيس داخل ٿيل آهي پر راڻيپور پوليس ايف آءِ آر ۾ اغوا جِي ڪوشش جو قلم شامل نه ڪيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي ايم شيخ طرفان واقعي جو نوٽيس وٺڻ بعد ڊي آءِ جي سکر جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جَي چيف جسٽس ڊي سي ۽ ايس ايس پي خيرپور کي 28 ڊسمبر تي رپورٽ سوڌو طلب ڪري ورتو، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خيرپور کان به جاچ رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي