ڪراچي ۾ گهريلو صارفين کي گيس جي فراهمي ۾ بهتري جي اميد

ڪراچي: ڪراچي ۾ گهريلو صارفين کي گيس جي فراهمي ۾ ايندڙ هفتي کان بهتر ٿيڻ جي اميد آهي

سوئي سدرن گيس ڪمپني جي ايم ڊي جو چوڻ آهي ته گهريلو صارفين جي گئس پريشر کي بهتر بڻائڻ لاءِ صنعتن کي هفتي ۾ 36 ڪلاڪ گئس استعمال نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

هن چيو ته ان منصوبي تي سومر کان ڪم شروع ڪيو ويندو پر جيڪڏهن صنعتن ريسٽرننگ آرڊر نه ورتو ته ڪراچي ۾ گئس جي کوٽ 50 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندي

توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر گذريل ڏينهن هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ ڪراچي ۾ گئس بحران جي ذميواري قبولڻ کان انڪار ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي پابندي واري حڪم تي سمورو بار وجهي ڇڏيو هو

ٻئي طرف ڪراچي سان واسطو رکندڙ قومي اسيمبلي جي ٽن پي ٽي آءِ ميمبرن حماد اظهر تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي