پُٽ جي نا حق خون سان انصاف نه ٿيو ته پاڻ کي ماري ڇڏينديس: جميلا جوکيو

ڌاٻيجي: تلور جي شڪارڪرڻ دوران پرڏيهي جي وڊيو ڀري وائرل ڪرڻ تان بيدردي سان قتل ڪيل شھيد ناظم جوکيو جي امڙ جميلا جوکيو پنهنجو وڊيو بيان جاري ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي

مسمات جميلا جوکيو جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن منهنجي شھيد پٽ ناظم جوکيو جي ناحق خون سان انصاف نه ٿيو ته آئون پاڻ کي ماري ڇڏينديس

هن چيو ته بااثر وڏيرا اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مسلسل ڌمڪائي رھيا آھن پر آئون پنهنجي شھيد پٽ جو ڪيس مرڻ گهڙيءَ تائين وڙهنديس

هن چيو ته پٽ جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو وڃي، وڪيلن اسان جو ساٿ ڇڏي ڏنو آهي، ان ڪري منهنجي شھيد جو ڪيس ڪمزور ٿي ويو آهي

شهيد ناظم جي امڙ وڌيڪ چيو ته ڄام عبدالڪريم جوکيو، نياز سالار ۽ احمد شورو کي جلد گرفتار ڪيو وڃي جنهن سان ڪيس جون اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون

هن وزيراعظم عمران خان، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين کي اپيل ڪئي آهي ته پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي