شاگردياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش: چيف جسٽس سنڌ پاران نوٽيس

ڪراچي: راڻيپور ۾ شاھه عبداللطيف يونيورسٽي جي پوائنٽ مان شاگردياڻي کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش واري واقعي جو سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ نوٽيس وٺي ڇڏيو آھي

چيف جسٽس احمد علي شيخ ڊي سي خيرپور، ڊي آءِ جي سکر ۽ رجسٽرار شاھه لطيف يونيورسٽي خيرپور سوڌو ايس ايس پي خيرپور کي 28 فيبروري تي رپورٽ سوڌو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.