گورک اٿارٽي وٽ سوا 4 لک ايڪڙ زمين جي مالڪي نه هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي: سنڌ جي ڪوهه مري سڏجندڙ هل اسٽيشن گورک جي 26 سالن کان استعمال هيٺ آيل 4 لک 26 هزار 997 ايڪڙ زمين اڻ سروي ٿيل ۽ ديهه بندي نه ڪيل هجڻ جو انڪشاف، دادو ضلعي انتظاميا سنڌ ۽ بلوچستان جو بارڊر گڏ هجڻ ڪري انهي زمين تي ٻنهي صوبن ۾ مالڪي جو تڪرار ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته 26 سال اڳ قائم ٿيل گورک هل ڊولپمينٽ اٿارٽي جون اختياريون 4 لک 26 هزار 997 ايڪڙ زمين پنهنجي استعمال هيٺ آڻي رهيون آهن، جنهن جي هڪ پاسي ضلعي انتظاميا توڙي روينيو کاتي سروي ئي نه ڪرائي آهي ۽ نه ئي وري انهي جي ديهه بندي ڪئي وئي آهي

ٻئي پاسي اها زمين گورک اٿارٽي جي استعمال هيٺ هجڻ باوجود روينيو کاتي توڙي ضلعي انتظاميا پاران اٿارٽي جي نالي تي منتقل نه ڪئي وئي آهي، آڊيٽر جنرل جو چوڻ هو ته سوا 4 لک ايڪڙن مان 2 لک 84 هزار 794 ايڪڙ زمين جوهي تعلقي جي حدن ۾ اچي ٿي جڏهن ته هڪ لک 42 هزار 400 ايڪڙ زمين خيرپور ناٿن شاهه تعلقي جي آهي. ان ڏس ۾ آڊيٽر جنرل رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته مشرف دور ۾ گورک هل اٿارٽي جي ڊي جي جي سفارش آڌار دادو ضلعي جي تڏهوڪي ڊي سي او روينيو کاتي جي سينيئر ميمبر کي 14 آڪٽوبر 2006ع تي ليٽر نمبرDCO/PA/562/2006 ۽ 29 نومبر 2006ع تي ليٽر نمبر DCO/PA/638/2006 لکي ڄاڻايو آهي ته گورک اٿارٽي توڙي ضلعي انتظاميا پاران خط لکڻ باوجود روينيو کاتي پاران اها زمين گورک اٿارٽي کي منتقل ڪرڻ جي حوالي سان ڪا به موٽ نه ڏني وئي آهي. آڊيٽر جنرل موجب گورک هل اٿارٽي 14 مارچ 2012ع، 23 جنوري 2014ع ۽ 7 نومبر 2014ع ۾ ڪوٺايل پنهنجي جنرل باڊي جي اجلاسن ۾ اهو معاملو بحث هيٺ آڻي ڊائريڪٽر جنرل مٿان زور ڀريو ته هو گورک اٿارٽي کي گهربل زمين اداري جي نالي تي منتقل ڪرائي. ان ڏس ۾ 24 آڪٽوبر 2012 تي گورک اٿارٽي جي ڊي جي هڪ سمري تيار ڪري سنڌ جي وڏي وزير کي موڪلي زمين جي منتقلي بابت درخواست ڪئي، آڊيٽر جنرل موجب گورک اٿارٽي توڙي دادو انتظاميا پاران ورتل ڪوششن باوجود وزيراعليٰ هائوس توڙي روينيو کاتي پاران زمين جي منتقلي، سروي ڪرائڻ ۽ ديهه بندي جي حوالي سان ڪابه اڳڀرائپ نه ڪئي وئي، هوڏانهن دادو جي تڏهوڪي ڊي سي او ۽ گورک اٿارٽي جي ڊي جي 17 نومبر 2006ع تي سنڌ ثقافت کاتي جي سيڪريٽري کي ليٽر نمبر DCO/PA/618/2006 لکي ڄاڻايو هو ته گورک اٿارٽي جي استعمال هيٺ ايندڙ سوا 4 لک ايڪڙ زمين جاگرافيائي لحاظ کان جوهي ۽ ڪي اين شاهه تعلقن ۾ اچي ٿي پر انهي اڻ سروي ٿيل ۽ غيرآباد زمين جي ديهه بندي ٿيل ئي ناهي، جنهنڪري اها دادو ضلعي جي ڪنهن ديهه ۾ شامل ناهي، ليٽر ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جون سرحدون گورک جبل تي گڏجن ٿيون، جيڪڏهن گورک اٿارٽي جي استعمال ايندڙ زمين دادو ضلعي جي ديهن واري نقشي ۾ شامل نه ڪئي وئي ته ويجهي مستقبل ۾ بلوچستان صوبو انهي زمين تي پنهنجي مالڪي جي دعويٰ ڪري سگهي ٿو