آصف زرداري جي ڊيل ناهي ٿي، تڏهن جلسن ۾ فوج بابت ڳالهائي رهيو آهي: فواد چوڌري

ڪراچي: وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آصف زرداري جي ڊيل ناهي ٿي، تڏهن جلسن ۾ فوج بابت ڳالهائي رهيو آهي، ماڻهو ڊيل يا خواهش پوري ٿيڻ تي جلسن ۾ اهڙيون ڳالهيون نه ڪندا آهن

وفاقي وزير فواد چوڌري اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪي پي جي چونڊن مان ثابت ٿيو ته رڳو پي ٽي آءِ قومي جماعت آهي، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ لوڪل پارٽيون ٿي ويو، جي يو آءِ جهڙي انتهاپسند پارٽي پي ٽي آءِ جو متبادل ٿيڻ تي عوام کي سوچڻ گهرجي، ڪارڪنن پنهنجي مفادن کي پوئتي ڪري عمران خان جو ساٿ ڏين، سندن عمل سان مريم نواز جهڙن بونن ليڊرز کي تنقيد جو موقعو ملي ٿو