مڪاني چونڊن ۾ شڪست: ڪي پي ڪي جي وڏي وزير رپورٽ طلب ڪري ورتي

پشاور: خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير مڪاني چونڊن ۾ شڪست جي سببن جي حوالي سان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. مڪاني چونڊن ۾ شڪست تي پاڪستان تحريڪ انصاف وڏي ڪارروائي جو فيصلو ڪندي پارٽي اميدوارن کي مدد نه ڪندڙ اسيمبلي ميمبرن جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان شڪست جي سببن جي حوالي سان به رپورٽ طلب ڪري ورتي. هن پهرين مرحلي ۾ اسيمبلي ميمبرن کي نوٽيس جاري ڪرڻ ۽ ڪارروائي جي لاءِ وزيراعظم سان رابطي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي چيو ته پارٽي جي خلاف ويندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ٿيندو. پارٽي ڊسيپلين تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو.