پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي رفتار گھٽ ٿي وئي

ڪراچي : پاڪستان کان آفريقا ويندڙ انٽرنيٽ ڪيبل جي سروس معطل ٿيڻ سبب ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي رفتار گھٽ ٿي وئي آھي، ٽيليڪام ذريعن موجب سي ايم وي 4 ڪيبل ڪٽجڻ سبب ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي اسپيڊ ۾ ھڪ ٽيرا بائٽ گھٽ ٿي آھي جنھن ڪري انٽرنيٽ جي رفتار بھ گھٽ ٿي وئي آھي

ذريعن جو چوڻ آھي تھ پاڪستان ۾ رش جي وقت انٽرنيٽ جي رفتار وڌيڪ متاثر ٿيڻ جو امڪان آھي، ذريعن موجب سي ايم وي 4 انٽرنيٽ ڪيبل جي مرمت جو ڪم جنوري ۾ مڪمل ٿيندو، جڏھن تھ پي ٽي سي ايل جي طرفان انٽرنيٽ ٽريفڪ ٻين ڪيبلز تي منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي