وزيراعظم عمران خان جي نااھلي لاءِ داخل درخواست خارج

اسلام آباد : اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ وزيراعظم عمران خان جي نااھلي جي لاءِ داخل درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي آھي، اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ۾ وزيراعظم عمران خان جي نااھلي جي لاءِ 2018 ۾ داخل پٽيشن ۽ درخواست اڄ ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪئي وئي ھئي،

اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطھر من اللھ ۽ جسٽس ارباب محمد طارق درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ھو تھ عمران خان نامزدگي ڪاغزن ۾ ڌيءَ ٽيريان کي لڪايو، صادق ۽ امين نھ رھيو، عمران خان کي صادق ۽ امين نھ ھجڻ جي ڪري نااھل قرار ڏنو وڃي

ھي درخواستگذار گذريل عام چونڊن ۾ پاڪستان جسٽس اينڊ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جو اميدوار ھو ۽ ھن بعد ۾ پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ درخواست واپس واپس وٺڻ جي متفرق درخواست داخل ڪئي

اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جي نااھلي جي لاءِ داخل پٽيشن واپس وٺڻ جي متفرق درخواس تي ٻڌڻي ٿي، جنھن کي عدالت منظور ڪري ورتو آھي