شهيد عزيز ميمڻ قتل ڪيس: پ پ ايم اين پاران مهلت طلب

نوشهروفيروز: نوشهروفيروز جي مقامي عدالت ۾ صحافي شھيد عزيز ميمڻ قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ پ پ ايم اين اي ابرار شاھ، شاهد اڪرام ۽ ٻيا پيش ٿيا

ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران ابرار شاهه ۽ اڳوڻي يوسي ناظم شاهد اڪرام ملڪ پنهنجو جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي، جنهن تي عدالت کين مهلت ڏيندي ٻڌڻي 28 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

مقتول جي ڀاءُ فريادي حفيظ الرحمان ميمڻ پاران 193 جي داخل ڪيل درخواست تي ايم اين اي ابرار شاهه ۽ شاهد اڪرام ملڪ کي طلب ڪيو هويو هو