ناظم جوکيو ڪيس: ڄام اويس بنا هٿڪڙين جي پيش، وڪيلن جو اعتراض

ڪراچي: ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ گرفتار سنڌ اسيمبلي ميمبر ڄام اويس کي جڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ هٿڪڙين بنا پيش ڪيو ويو.

ايم پي اي ڄام اويس کي هٿڪڙين بنا عدالت ۾ پيش ڪرڻ تي فريادي وڪيلن اعتراض ڪيو، جيل اختيارين چيو ته ايم پي اي کي جيل ۾ بي ڪلاس ڏني وئي آهي.

فريادي وڪيل چيو ته ڪو قانون ئي ناهي ته بي ڪلاس ۾ جوابدار کي هٿڪڙي نه لڳائي وڃي، هٿڪڙي رڳو ٻارن ۽ عورتن کي نٿي لڳائي سگهجي.

جاچ آفيسر عدالت ۾ عبوري چالان پيش ڪندي ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اڃا تائين وصول ناهي ٿي.

عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 30 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.