پ پ ڪيمپ آفيس تي حملو، عطا تارڙ ۽ ٻين تي ڪيس داخل

ڪراچي: پنجاب جي علائقي خانيوال مان پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 206 ۾ ن ليگ اڳواڻن خلاف پيپلز پارٽي جي ڪيمپ آفيس تي حملي ۽ گهر ۾ داخل ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

ڪالهه خميس ڏينهن تڪ پي پي 206 خانيوال ۾ پ پ اميدوار مير وثيق جي گهر تي عورتن جو رش ڏسي ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ ڪيترن ئي ڪارڪنن سان گڏ پهچي ويو هو

ان دوران ن ليگ ۽ پ پ ڪارڪنن ۾ جهيڙو شروع ٿي ويو ۽ پوليس اهلڪارن ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن کي روڪيو، جنهن تي ليگي ڪارڪنن الزام مڙهيو ته پي پي اميدوار غريب عورتن کي پنهنجي رهائش گاهه تي گهرائي ٻه هزار في ماڻهو کي ڏئي ووٽ خريد رهيو آهي

ٻئي طرف پ پ اميدوار مير واثق سرجيس حيدر پوليس کي ٻڌايو ته گهر ۾ ڪارنر ميٽنگ هلي رهي هئي ته ن ليگ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن حملو ڪيو

مير واثق سرجيس حيدر موجب ن ليگ ماڻهن جو وڏو انگ ڏسي وائڙائپ جو شڪار ٿي وئي، جنهن بعد پ پ اميدوار جي درخواست تي سٽي ٿاڻي ۾ ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ سميت 50 کان وڌيڪ ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتاري لاءِ ن ليگ جي مختلف ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي