پيپلزپارٽي اسلام آباد ۾ چئني صوبن جي زنجير ٿي ويندي آهي:خواجا اظھار الحسن

ڪراچي: متحده پاڪستان جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن ۽ ٻين اڳواڻن چيو آهي ته پيپلز پارٽي وارا سنڌ ۾ لساني فساد پکيڙڻ جا بيان ڏئي رهيا آهن، مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان کي للڪاريو ۽ بلاول ڀٽو سنڌ جي عوام جا جذبا مجروح ڪيا

وڏي وزير مراد علي شاهه کان اپوزيشن کي اقليت قرار ڏيڻ ۽ ڪجهه ٻيو سوچڻ واري بيان تي سنڌ جي عوام کان معافي وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي، خواجا اظھار الحسن چيو تھ پيپلز پارٽي اسلام آباد ۾ چئني صوبن جي زنجير ٿي ويندي آهي، سنڌ ۾ وري پاڪستان کي للڪاريو ويندو آهي

پيپلز پارٽي وارا ڪجهه به ڪن، سنڌ جي شهري علائقن ۾ کين ووٽ نه ملندا، اسان اقليت ۾ نه آهيون، سنڌ اسيمبلي ۾ چاليهه سيڪرو اپوزيشن آهي، جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ سوڏو ٻين پارٽيز کي چئون ٿا ته پ پ خلاف کُليل نموني اچن، ھنن چيو تھ عوام کي ٻڌايو وڃي ته پ پ حڪومت ۾ سنڌ ترقي ڪرڻ بدران پُٺتي هلي وئي، عوام کي تباھ ڪيوويو آھي، لسانيت وارا بيان نھ ڏنا وڃن