ڪراچي ۾ گھر مان آفيس ويندڙ ناري ڇرين جا وار ڪري قتل

ڪراچي : ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي ۾ گھر مان آفيس ويندڙ 20 ورھين جي ناري کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو ويو آھي، نيو ڪراچي سيڪٽر 5 ۾ سوشل ورڪر ناري کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو ويو آھي

ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آھي تھ قتل ڪيل ناري جي سڃاڻپ 20 ورهين جي صبا ڌيءَ اسلم طور ٿي آھي، ناري صبا اسلم کي سندس پاڙيسري قتل ڪيو آهي

جوابدار نشي جو عادي آهي، مقتولا ۽ جوابدار جي گهر وارن ۾ صفائي تان تڪرار هلندڙ هو، پوليس جو چوڻ ھو تھ قتل بعد جوابدار فرار ٿي ويو آھي، جوابدار جي ٻن ڀائرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي