اسٽيٽ بئنڪ نئين مالياتي پاليسي جو اعلان ڪندي وياج جي شرح هڪ سيڪڙو وڌائي ڇڏي

ڪراچي: اسٽيٽ بئنڪ نئين مالياتي پاليسي جو اعلان ڪندي وياج جي شرح هڪ سيڪڙو وڌائي ڇڏي، وياج جي شرح 8.75 سيڪڙو مان وڌي 9.75 سيڪڙو ٿي وئي، اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وياج جي شرح ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، 24 جنوري تي مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻيهر صورتحال جو جائزو ورتو ويندو