غلطيون حڪمرانن ڪيون پر بدنام پاڪستان ٿيو: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نائن اليون کانپوءِ اسلام آباد ۽ دهشتگردي ڪيئن گڏ ٿي ويا؟ اسلام ۽ دهشتگردي جو ڪو واسطو ناهي ۽ ڪو به مذهب دهشتگردي جي اجازت نٿو ڏئي.

لاهور ۾ تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته قانون جي عملداري نه هجڻ سان ملڪ ترقي نه ڪندو، ڪرپشن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني نه هجڻ جي علامت آهي، امير طبقي جي ڪرپشن سبب اسان اڃا تائين ترقي پذير ملڪن ۾ آهيون.

هن چيو ته غلطيون حڪمرانن ڪيون پر بدنام پاڪستان ٿيو، جمهوريت اتي مستحڪم ٿيندي آهي، جتي قانون جي حڪمراني هجي.

والاريل ڪشمير جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته ڀارت ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، ان تي ڪجهه نه پيو چيو وڃي، ڀارت تي ڪنهن اولهه ملڪ تنقيد نه ڪئي.