لسانيت جي سياست ڪندڙ رد ٿيندا، مڪاني قانون کي ڪارو چوندڙن جو مُنهن ڪارو ٿيندو: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ ۾ بهترين مڪاني نظام آڻي رهيا آهيون، ڪراچي جو عوام پ پ ڏانهن واجهائي رهيو آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ جي مڪاني قانون کي ڪارو قانون چوندڙن جو منهن ڪارو ٿيندو، ايندڙ چونڊن ۾ نه بيٽ هلندي ۽ نه لغڙ، رڳو تير هلندو.

هن چيو ته هاڻ پراپرٽي ٽيڪس سڌي ريت لوڪل باڊيز وٽ ويندو، ميونسپل اختيارن جو چيئرمين چونڊيل ميئر هوندو، صحت، تعليم ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون اختياريون پنهنجي علائقن جي نمائندن کي جوابده هونديون، تعميري تنقيد جائز آهي، لوڪل باڊيز اليڪشن ۾ ڏيکارينداسين ته جيڪڏهن ڪا سياسي جماعت آهي ته اها پارٽي آهي.

سندس چوڻ هو ته اهو قانون سنڌ حڪومت آندو آهي، ان جو پنجاب، خيبر پختونخواهه ۽ اسلام آباد جو قانون مقابلو نٿو ڪري سگهي، ماڻهو سمجهن ٿا ته انهن جا مسئلا اسان حل ڪري سگهون ٿا، پ پ ترقي ڪري رهي آهي، عوام اسان ڏانهن واجهائي رهيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته منهنجي ڄمڻ کان وٺي ڪراچي ۾ دهشتگردن جو راڄ رهيو، توهان لسانيت جي سياست ڪندئو ته عوام توهان کي رد ڪندو، اسان پاڪستان زنده آباد ۽ توهان پاڪستان مرده آباد جو نعرو هڻندا آهيو، پاڪستان مخالف نعرا هڻندڙ ڪير ٿيندا آهن اسان کي ليڪچر ڏيڻ وارا؟