ڪراچي: 70 ورھين جي شخص جا ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ واري ڪيس ۾ نئون موڙ اچي ويو

ڪراچي: ڪراچي جي صدر واري علقئي ۾ قتل جي ھانءُ ڏاريندڙ واردات ۾ نئون موڙ آيو آھي، پوليس موجب صبح جو سوير ھڪ شھري کي رستي تي انساني ھٿ مليو، جنھن تي ھُن پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس ڪارروائي ڪندي گھر جو تعين ڪيو، جتي ھڪ عورت لاش جي ڪجھ ٽڪرن سان گڏ سُتل ھئي ۽ ھُن جي ڪپڙن تي رت لڳل ھئي

پوليس جو چوڻ آھي تھ جڏھن گھر جي تلاشي ورتي وئي تھ گھر جي مختلف حصن مان بھ ڪجھ انساني عضوا برآمد ٿيا ۽ ڪجھ اوزار بھ مليا، جنھن بعد عورت کي گرفتار ڪيو ويو

پوليس موجب، عورت جي سڃاڻپ رباب جي نالي سان ٿي آھي ۽ مقتول جي عمر 70 سال ھئي، جڏھن تھ حراست ۾ ورتل عورت نشي جي حالت ۾ ھئي، پوليس موجب، شروعاتي بيان ۾ عورت مقتول کي پنھنجو مڙس ٻڌايو ھو، نشي جي حالت کان ڪجھ ٻاھر اچڻ بعد عورت مقتول کي پنھنجو ڀيڻيوو ٻڌايو ۽ ھن جو چوڻ ھو تھ مقتول ان کي تشدد جو نشانوبڻائيندو ھو، گھروارن کي طعنا ڏيندو ھو، جڏھن تھ مقتول آئس جي نشي جو عادي ھو، جنھن جي ڪري جوابدار عورت بھ آئس جي نشو ڪرڻ لڳي ھئي