ڪوئٽه پوليس مجبور ڇوڪرين جون شرمناڪ وڊيوز ٺاهي بليڪ ميل ڪندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

ڪوئٽه: ڪوئٽه ۾ مجبور ڇوڪرين جون شرمناڪ وڊيوز ٺاهي کين بليڪ ميل ڪرڻ جو اسڪينڊل سامهون آيو آهي.
جوابدارن طرفان مجبور ڇوڪرين جون شرمناڪ وڊيوز وائرل ڪيون ويون. جڏهن ته مذڪوره معاملي تي جاچ ڪميٽي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ مُک جوابدار سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي، ٻئي جوابدار 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي آهن.
ان حوالي سان پوليس ٻڌايو آهي ته ٻئي جوابدار پاڻ ۾ ڀائر آهن. جوابدارن جي ليپ ٽاپ ۽ ٻين ڊيوائسز مان هٿ آيل وڊيوز فارنزڪ لاءِ اماڻيون ويون آهن ۽ ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ سان به رابطو ڪيو آهي.
هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو چيو آهي ته وڊيو اسڪينڊل انتهائي افسوسناڪ آهي هن واقعي معاشري کي لوڏي ڇڏيو آهي. وڊيو اسڪينڊل ۾ ملوث جوابدارن کي هر صورت ۾ ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين.