مني لانڊرنگ ڪيس: شهباز شريف، حمزه شهباز ۽ ٻين خلاف ايف آءِ اي چالان تيار ڪري ورتو

لاهور: ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف، حمزه شهباز ۽ ٻين جي خلاف چالان تيار ڪري ورتو. ايف آءِ اي اختياريون 11 ڊسمبر تي عدالت ۾ چالان جمع ڪرائينديون.
ذريعن موجب ايف آءِ اي پاران چالان ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي مُک جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي شهباز شريف خاندان جي ڪجهه ملازمن سميت 17 کان وڌيڪ ماڻهن کي چالان ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. شريف فيملي جي سي ايف او محمد عثمان کي به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز بئنڪنگ ڪورٽ مان عبوري ضمانت حاصل ڪئي آهي. ايف آءِ اي شهباز شريف فيملي جي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ ڪري رهيو آهي.

Money laundering case: FIA prepares challan against Shahbaz Sharif