چانڊڪا ۽ آصفه ڀٽو ڪاليجز ۾ اربين رپين جي بيضابطگين جو انڪشاف

لاڙڪاڻو: چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ آصفه ڀٽو ڊينٽل ڪاليج ۾ اربين روپين جون مبينا بي ضابطگيون سامهون آيون آهن. شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي فنڊن جي استعمال تي آڊٽ رپورٽ ۾ سنگين اعتراض اٿاريا ويا. مالي سال 18-2017 ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جو خاص طور تي آڊٽ ڪيو ويو، رپورٽ موجب 670 ملين روپين جا سرڪاري فنڊ ڊي ڊي او اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيا ويا. شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ وڏي پئماني تي بغير قاعدن ۽ ضابطن جي ڀرتين جو به انڪشاف ٿيو آهي

رپورٽ موجب چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، آصفه ڀٽو ڊينٽل ڪالج، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي سرڪاري بنگلن ۽ ڪوارٽرن تي غيرقانوني قبضا آهن. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ وڏي عمر جي ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ، پابندي جي عرصي دوران به ڀرتيون ڪيون ويون

آڊٽ رپورٽ موجعب شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۾ 80 ملين روپين جي فنڊن خلاف ضابطه الائونس جي نالي تي ورهايا ويا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۾ 136 سيڪڙو اضافي پئسن تي ڪانٽريڪٽ ڏيڻ جو انڪشاف به ٿيو آهي. ضابطي جي خلاف ڪانٽريڪٽ ڏيڻ سان قومي خزاني کي 754 ملين روپين جو نقصان پهچايو ويو