مولانا فضل الرحمان سيالڪوٽ واقعي جي غير مشروط مذمت ڪري ڇڏي

اسلام آباد: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سيالڪوٽ واقعي جي غير مشروط مذمت ڪري ڇڏي.

اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم سربراهي اجلاس کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته سيالڪوٽ جهڙن واقعن جي غير مشروط مذمت ڪيون ٿا.

هن چيو سوال اهو آهي ته اهڙن واقعن کي روڪيندو ڪير؟ رياست، آئين ۽ قانون کي حرڪت ۾ اچڻو پوندو، اسان جي پنهنجي حڪومت هجي ها ته به اهو چئون ها ته ڪوتاهي ٿي آهي.

سندس چوڻ هو ته اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ قومي سوچ کي سامهون آڻڻو پوندو، بندوق ذريعي ڪنهن نظرئي جي ڳالهه ڪرڻ جي شروع کان مخالفت ڪري رهيا آهيون، اسان آئين، قانون ۽ جمهوريت جي صف ۾ بيٺا آهيون.