سريلنڪن مينيجر جو قتل، غير انساني ۽ بربريت آهي: مولانا طاهر اشرفي

اسلام آباد: پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي سربراهه ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر بابت وزيراعظم عمران خان جي خاص نمائندي علامه طاهر اشرفي سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن مئنيجر جي توهين رسالت جي الزام ۾ قتل جي مذمت ڪئي آهي

پنهنجي هڪ بيان ۾ علامه طاهر اشرفي چيو ته سيالڪوٽ ۾ توهين رسالت جي الزام ۾ پرڏيهي مينيجر جو قتل افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي، پاڪستان علماءِ ڪائونسل سريلنڪن مئنيجر جي قتل جي سخت مذمت ڪري ٿي

ڏوهارين کي گرفتار ڪري انجام تائين پهچايو ويندو.طاهر اشرفي چيو ته توهين رسالت ۽ توهين مذهب جو قانون موجود آهي، سريلنڪن مئنيجر تي حملو ڪندڙن ان قانون جي به ڀڃڪڙي ڪئي آهي.