رائونتي ۾ شر ۽ ڌونڌو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، 3 نوجوان مارجي ويا، هڪ زخمي

رائونتي: رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ شر ۽ ڌونڌو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 نوجوان مارجي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي، ٻنهي ڌرين پاران جديد هٿيارن سان فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ ڇائنجي ويو

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڌرين جي فائرنگ ۾ ڌونڌو برادري جا 2 نوجوان مارجي ويا، جن ۾ بادل ۽ حنيف شامل آهن، جڏهن ته شر برادري جو نوجوان الاهو شر مارجي ويو ۽ هڪ نوجوان زخمي ٿيو آهي

رائونتي پوليس جو چوڻ آهي ته ماڻهن جي مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن، فائرنگ شديد آهي، صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن