پشاور ۾ اشتهاري جوابدارن خلاف آپريشن: فائرنگ دوران 2 پوليس اهلڪارشهيد

پشاور: پشاور ۾ آپريشن دوران اشتهاري جوابدارن جي فائرنگ سبب پوليس اي ايس آءِ ۽ ڪانسٽيبل شهيد ٿي ويا. ڪارروائي دوران گهر مان 2 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. شهيد پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز پوليس لائن ۾ ادا ڪئي وئي.
پوليس موجب پشاور جي علائقي حيات آباد تاتارا جي حدن ۾ گهربل اشتهاري جوابدارن جي موجودگي تي ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو ويو. گهر ۾ لڪل اشتهاري جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ اي ايس آءِ ۽ ڪانسٽيبل شهيد ٿي ويا. پوليس موجب آپريشن گذريل رات دير سان ڪيو ويو. ڪارروائي دوران گهر مان 2 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. فرار جوابدارن جي لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي. هوڏانهن شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز پوليس لائن پشاور ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ آءِ جي پوليس معظم جاهه انصاري ۽ سي سي پي او سميت اعلي آفيسرن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي آءِ جي چيو ته اي ايس آءِ رياض خان ۽ ڪانسٽيبل جعفر اشتهاري ڏوهاري جي فائرنگ سبب شهيد ٿيا. رات جو اشتهارين جي موجودگي تي آپريشن ڪيو ويو. 7 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن وٽان هٿيار هٿ آيا آهن. آءِ جي چيو ته دهشتگردن کي جتي به موقعو ملي ٿو هو اتي لڪي ويندا آهن.