ٿڌ ۾ واڌ اڃا ٿي ئي ناهي، گئس جي لوڊشيڊنگ ۾ شروع ٿي وئي: شيري رحمان

اسلام آباد : پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ٿڌ ۾ اڃا واڌ ٿي ئي ناهي ۽ اڳ ئي گئس جي لوڊشيڊنگ ۾ شروع ٿي وئي آهي، گئس جي قيمت ۾ 350 رپيا اضافي باوجود بحران آهي

سينيٽر شيري رحمان جو چوڻ آهي ته اليڪشن ترميمي بل بلڊوز ڪري سمجهن ٿا هنن سمورا بحران ختم ڪري ڇڏيا، سندس چوڻ هو ته عوام جو مسئلو وي ايم نه پر مهانگائي آهي، 16نوٽيس وٺڻ باوجود مهانگائي برقرار آهي