شھيد ناظم جوکيو ڪيس: ڄام اويس سوڌو 5 جوابدار ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

ملير : شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ ايم پي اي ڄام اويس گهرام سوڌو 5 جوابدارن کي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آھي، پوليس شھيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جي جوابدارن کي بڪتربند گاڏي ۾ ويهاري ملير جي عدالت پهچايو

 ٻڌڻي دوران فريادي جي وڪيل طرفان ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي، شهيد ناظم جوکيو جي وارثن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته جاچ آفيسر مُک جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي

وڪيل چيو تھ اسان شروع ۾ ئي جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي هئي، شهيد ناظم جي وارثن ۽ وڪيلن کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، عدالت تحفظ جو حڪم ڏئي، جوابدارن کي جيل حوالي ڪرڻ واري استدعا رد ڪئي وئي