پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ وارو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج

لاهور: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي. درخواست ۾ اوگرا، وفاقي حڪومت سميت ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي.
درخواست ڏيندڙ پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ غير قانوني آهي. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ڪابينه جي منظوري کان سواءِ اضافو ڪيو ويو.
واضح رهي ته وفاقي حڪومت رات دير سان پيٽرول جي قيمت ۾ 8 روپيه 3 پئسا في ليٽر اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 145 روپيه 82 پئسا في ليٽر ٿي وئي. هاءِ اسپيڊ ڊيل جي قيمت ۾ 8 روپيه 14 پئسا في ليٽر واڌ کان پوءِ نئين قيمت 142 روپيه 62 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.