مٽياري: عوامي شڪايتن تي ڊي سي تپيدار کي معطل ڪري ڇڏيو، جاچ جو حڪم

مٽياري: عوامي شڪايتن تي ڊي سي مٽياري سيد مرتضي علي شاهه تپيدار ظهير ميمڻ کي معطل ڪندي سند خلاف انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته مٽياري شهر ۾ مقرر ٿيل تپيدار خلاف عوام جون شڪايتون مليون جنهن ڪري سندس خلاف ڪارروائي ڪئي آهي

هن چيو ته سرڪاري آفيسون عوام کي تنگ ڪرڻ لاءِ نه پر رليف ڏيڻ لاءِ آهن، ظھير عوام کي ڪمن رلايو جنهن ڪري سندس خلاف کاتيدار ڪارروائي ڪئي وئي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ انڪوائري ڪئي پئي وڃي، اها رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي