ترڪ صدر جو عالمي ماحولياتي ڪانفرنس ۾ شرڪت کان انڪار

انقرا : ترڪي صدر رجب طيب اردگان موسمياتي ڪانفرنس ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو.
رجب طيب اردگان روم ۾ جي 20 سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ سومر ڏينهن واپس پنهنجي ملڪ پهچي ويو ۽ هن گلاسگو ۾ جاري عالمي ماحولياتي ڪانفرنس ۾ پنهنجي طئي ٿيل شرڪت رد ڪري ڇڏي آهي.
ترڪ سرڪاري نيوز ايجنسي ۽ ٻي ميڊيا پر رجب طيب اردگان جي عالمي ماحولياتي ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي فيصلي جا ڪارڻ ناهن ٻڌايا.
واضح رهي ته ترڪ صدر اهو فيصلو آچر ڏينهن روم ۾ جي 20 سربراهي اجلاس جي تشريح تي آمريڪي صدر جو بائيڊن سان هڪ اهم ملاقات کانپوءِ ڪيو.
هوڏانهن ترڪي جي پارليامينٽ هلندڙ سال نيٺ ”پئرس ڪلائميٽ معاهدي“ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.