ڊي ايس پي سکر پاران آءِ بي اي اميدوارن کي کنڀڻ جون ڌمڪيون

سکر: آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ مبينا غلطين خلاف احتجاج ڪندڙ اميدوارن کي ڊي ايس پي عبدالستار کنڀڻ جون ڌمڪيون ڏئي سڀني کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو. آءِ بي اي ٽيسٽ جي سوالنامي ۾ غلطيون هئڻ ۽ انهن غلطين جو ڪو به ازالو نه ٿيڻ خلاف اميدوارن پاران آءِ بي اي يونيورسٽي سکر آڏو ڌرڻو هنيو ويو ته صورتحال تي ضابطي لاءِ پوليس پهچي وئي

اميدوارن پاران نعريبازي ڪئي وئي ته موقعي تي موجود ڊي ايس پي عبدالستار ڦل کين داٻا ڏيندي چيو ته شور شرابو نه ڪيو، توهان چاليهه ڄڻا آهيو. اسان سئو ڄڻن کي به منهن ڏئي سگهون ٿا. هڪ منٽ ۾ کنڀجي ويندئو ۽ توهان کي خبر به نه پوندي. ڊي ايس پي عبدالستار ڦل جي اهڙن داٻن جي وڊيو ٺاهيندڙ هڪ خاتون اميدوار کي به ڊي ايس پي موبائيل فون بند ڪرڻ جو دڙڪو ڏنو. ساڃاهه وند طبقن ۽ شاگردن پاران ڊي ايس پي جي اهڙي اڍنگي رويي ۽ ڌمڪين جي مذمت ڪئي پئي وڃي

سوشل ميڊيا تي به ڊي ايس پي جي ڌمڪين خلاف ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي. شاگردن ۽ ساڃاهه وندن جو چوڻ آهي ته هڪڙي ڊي ايس پي کي اهو حق نه ٿو پهچي ته هو پڙهيل لکيل اميدوارن کي کنڀڻ جون ڌمڪيون ڏئي. هنن چيو ته ڊي ايس پي کي کنڀڻو ئي آهي ته ڌاڙيلن کي کنڀي ڏيکاري. شاگردن ۽ ساڃاهه وندن ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته ڊي ايس پي عبدالستار ڦل خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي