گھريلو گيس ڪنيڪشنز تي پابندي لاڳو

اسلام آباد: حڪومت نون گھريلو گيس ڪنيڪشنز تي پابندي لڳائي ڇڏي.
توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته گيس جو پرائيسنگ ميڪنزم آڻي رهيا آهيون ۽ ان لاءِ قانون سازي ڪنداسين.
حماد اظهر چيو ته جيستائين نئون گيس پرائسنگ ميڪنزم نٿو اچي گهريلو گيس ڪنيڪشن تي پابندي لڳائي رهيا آهيون، گيس ڪنيڪشن تي پابندي سوئي ناردرن ۽ سدرن ٻنهي لاءِ هوندي.
هن چيو ته قانون سازي کان سواءِ ڪمپنين کي هر سال 35 کان 40 ارب رپيا نقصان ٿئي ٿو.